سنڌ جا ڪالم نگار

سنڌ جا ڪالم نگار

سنڌ جا ڪالم نگار

سنڌ جا ڪالم نگار (ڪتاب): جنرلزم ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽيءَ پاران ڇپايل هي ڪتاب نصرت حسين ابڙي جو سهيڙيل آهي، جيڪو ڊسمبر 1998ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب علي احمد بروهيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ امر جليل، علي احمد بروهي، حسين شاهه راشدي، سراج، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، قمر شهباز، انعام شيخ، نصير مرزا،
طارق عزيز شيخ، ڪرم علي شاهه،
آفتاب ميمڻ، ڪمال ڄامڙي، مرزا ڪاظم رضا بيگ، سلطانه وقاصي، قاضي آصف، ذوالفقار سيال، رضوان گل، سارنگ امر، رزاق کٽي، اي. جي چانڊئي ۽ علي گوهر کهاوڙ جا چونڊ ڪالم شامل آهن. 336 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جا ڪالم سنڌ جي مشهور اخبارن مان گڏ ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو